سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ تي قرباني جي کلون گڏ ڪرڻ بابت سخت ضابطا لاڳو ڪري ڇڏيا

ڪراچي: سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جي کلون گڏ ڪرڻ بابت سخت ضابطو اخلاق جاري ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت موجب ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر جي لکيل اجازت کانسواءِ ڪنهن به تنظيم کي کلون گڏ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته صرف رجسٽرڊ فلاحي ادارا، مدرسا ۽ منظور ٿيل تنظيمون ئي کلون گڏ ڪري سگهنديون، جڏهن ته جعلي يا غير قانوني تنظيمن تي مڪمل پابندي هوندي. ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نيڪٽا جي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.

عوامي هنڌن تي ڪئمپ لڳائڻ، بينر هڻڻ، گاڏين يا عمارتن تي جهنڊا لڳائڻ ۽ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اجتماعي قرباني لاءِ به باقاعده اجازت نامو لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ ذميوارن کي پرمٽ ساڻ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

امن امان برقرار رکڻ لاءِ 10 کان 12 ذوالحج تائين اسلحو لائسنس به معطل رهندا. گهرو کاتي سنڌ موجب ضابطي جي خلاف ورزي، زور زبردستي يا ڀتاخوري ذريعي کلون گڏ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن خلاف دفعه 188 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.

حڪومت وڌيڪ چيو آهي ته غير قانوني طور گڏ ڪيل کلون فوري طور ضبط ڪري مجاز فلاحي ادارن حوالي ڪيون وينديون. ضلعي انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي کلن جي گڏ ڪرڻ وارن هنڌن جي سخت نگراني جا اختيار پڻ ڏنا ويا آهن ته جيئن عيد دوران امن ۽ نظم برقرار رهي۔

پنھنجي راءِ لکو