ڪراچي جي سائيٽ بي علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا نان ڪسٽم پيڊ موبائل فون هٿ ڪري ورتا آهن۔ پوليس ترجمان موجب ڪارروائي دوران هڪ گاڏي مان 137 موبائل فون ضبط ڪيا ويا۔پوليس موجب اهي موبائل فون بلوچستان مان بس ذريعي يوسف ڳوٺ بس ٽرمينل تائين آندا ويا هئا، جتان کين گاڏي وسيلي ڪراچي جي موبائل مارڪيٽ ڏانهن منتقل ڪيو پئي ويو۔ڪارروائي دوران اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هٿ آيل موبائل فون ۽ گاڏي قانوني ڪارروائي بعد ڪسٽمز اختيارين حوالي ڪيا ويندا۔ٻئي پاسي ڪسٽمز انفورسمينٽ ڪراچي پڻ وڏي ڪارروائي ڪندي 9 ڪروڙ 60 لک رپين ماليت جا اسمگل ٿيل موبائل فون ۽ هڪ ٽيمپرڊ لينڊ ڪروزر ضبط ڪري ورتي۔ ايف بي آر ترجمان موجب اها ڪارروائي ڪراچي-حيدرآباد ٽول پلازا ڀرسان ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، جتان 564 اعليٰ معيار جا اسمگل ٿيل موبائل فون هٿ ڪيا ويا۔