ڪراچي مان گرفتار ٿيل مبينا ڪوڪين ڪوئين انمول عرف پنڪي جي منشيات نيٽ ورڪ بابت اهم انڪشاف سامهون آيا آهن۔ جاچ اختيارين موجب نيٽ ورڪ جي ٽن مرڪزي هينڊلرز ۽ 22 ڪيريئرز جو ڊيٽا حاصل ڪيو ويو آهي۔
جاچ موجب ڪراچي ۾ منشيات جو اهو نيٽ ورڪ ملزمه جي ڀاءُ شوڪت ذريعي هلائجي رهيو هو، جڏهن ته مرڪزي هينڊلرز جي سڃاڻپ حمزه، عداس ۽ عاقب جي نالن سان ٿي آهي۔حڪام جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سرگرم نيٽ ورڪ جي 8 رائيڊرز جو تعلق لاهور، فيصل آباد ۽ وهاڙي سان آهي۔ نيٽ ورڪ لاءِ صبا ۽ انعم عرف اينا نالي عورتون ڪيريئر طور ڪم ڪري رهيون هيون۔چ ذريعن موجب هينڊلر حمزه 70 هزار رپيا ماهوار پگهار تي نيٽ ورڪ لاءِ ڪم ڪندو هو۔
ان کان اڳ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو هو ته انمول عرف پنڪي جي گراهڪن جي فهرست اختيارين وٽ موجود آهي۔ سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ته وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي مدد سان ملزمه کي گرفتار ڪيو ويو ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ بعد وڌيڪ حقيقتون سامهون آنديون وينديون۔صوبائي گهرو وزير چيو ته منشيات سماج ۽ نوجوان نسل لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته انمول پنڪي جو گينگ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ به سرگرم هو۔
