اسلام آباد ۾ نادرا صارفين جي بائيو ميٽرڪ ڊيٽا جي تحفظ لاءِ اهم قدم کڻندي پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ۾ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت هاڻي صارف پنهنجو بائيو ميٽرڪ ڊيٽا تائين رسائي پاڻ ڪنٽرول ڪري سگهندا۔
نادرا ترجمان موجب “بلاڪ بائيو ميٽرڪ ڊيٽا ايڪسيز” فيچر فعال ڪرڻ بعد ڪنهن به اداري يا هنڌ تي صارف جي فنگر پرنٽس يا چهري ذريعي بائيو ميٽرڪ تصديق ممڪن نه هوندي، جيستائين صارف پاڻ موبائل ايپ ذريعي اجازت نه ڏئي۔
نادرا اختيارين جو چوڻ آهي ته هن قدم جو مقصد صارفين جي حساس بائيو ميٽرڪ ڊيٽا کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ ۽ ان جو مڪمل اختيار صارفين جي هٿ ۾ ڏيڻ آهي۔هي فيچر فعال ڪرڻ لاءِ صارفين کي پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ۾ لاگ اِن ڪرڻو پوندو، پوءِ مينو ۾ وڃي “پروفائل سيٽنگز” مان “بلاڪ بائيو ميٽرڪ ڊيٽا ايڪسيز” چونڊڻو پوندو۔ترجمان موجب ڪجهه موبائل فونز ۾ هن فيچر کي فعال ڪرڻ لاءِ فنگر پرنٽ يا تصوير ذريعي تصديق پڻ گهربل ٿي سگهي ٿي۔
نادرا واضح ڪيو آهي ته جڏهن به ڪنهن هنڌ بائيو ميٽرڪ تصديق جي ضرورت پوي ته صارف هي فيچر عارضي طور بند ڪري اجازت ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته تصديق مڪمل ٿيڻ بعد ٻيهر فعال ڪري پنهنجي معلومات محفوظ بڻائي سگهي ٿو۔
نادرا موجب هن نئين نظام سان صارفين کي پنهنجي سڃاڻپ واري معلومات تي وڌيڪ اختيار حاصل ٿيندو ۽ بائيو ميٽرڪ ڊيٽا جي غير ضروري استعمال کي روڪي سگهجي ٿو۔
