وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيندي پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ پيٽروليم ڊويزن طرفان نون اگهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔
نوٽيفڪيشن موجب 5 رپيا گهٽتائي بعد پيٽرول جي نئين قيمت 409 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت گهٽجي 409 رپيا 58 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي۔
ياد رهي ته گذريل هفتي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو هو۔ وزارت خزانه موجب ان وقت پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 92 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن بعد نئين قيمت 414 رپيا 78 پئسا في ليٽر ٿي وئي هئي۔
اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو هو، جنهن بعد ڊيزل 414 رپيا 58 پئسا في ليٽر تائين پهچي ويو هو۔ هاڻي حڪومت ٻنهي شين جي قيمتن ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي۔
