ڪراچي: شهر قائد ۾ گرمي جي شدت ۾ لاڳيتو اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جڏهن ته موسميات کاتي اڄ به موسم کي گرم ۽ نمي وارو قرار ڏنو آهي۔ موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 72 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب گهُٽ ۾ اضافو محسوس ڪيو پيو وڃي۔ شهر ۾ ڏکڻ اولهه طرفان 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن۔
ماهر موسميات ۽ طبي ماهرن شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته هيٽ ويو جهڙي صورتحال ۾ غير ضروري طور تي سج ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ کي معمول بڻائين۔ خاص طور ٻار، بزرگ ۽ بيمار ماڻهو سخت گرمي کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري انهن کي خاص احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته شهري پنهنجون روزاني سرگرميون صبح يا شام جي نسبتاً ٿڌن وقتن ۾ مڪمل ڪن، جڏهن ته منجهند جي وقت گهرن يا ٿڌين جڳهن تي رهڻ کي ترجيح ڏين۔ ٻاهر نڪرڻ وقت هلڪا ۽ ڍِلا ڪپڙا پائين، ٽوپي يا ڇٽي استعمال ڪن ۽ سن اسڪرين لڳائڻ نه وسارين۔
هيٽ ويو دوران گهرن کي ٿڌو رکڻ لاءِ ڏينهن جي وقت پردا بند رکڻ ۽ رات جو دريون کولڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي۔ پنکا، ڪولر ۽ ٿڌي پاڻي جو استعمال جسماني گرمي پد کي متوازن رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو۔ شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پاڻ سان پاڻي جي بوتل ضرور رکن ۽ وقفي وقفي سان پاڻي پيئندا رهن ته جيئن جسم ۾ پاڻي جي کوٽ نه ٿئي۔
طبي ماهرن موجب جيڪڏهن ڪنهن شخص کي سخت اُڃ، چڪر اچڻ، الٽي، تيز بخار، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف يا بيهوشي جهڙيون علامتون محسوس ٿين ته فوري طور ويجهي اسپتال يا طبي مرڪز سان رابطو ڪيو وڃي۔
ٻئي پاسي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اونهاري جي موڪلن جي اعلان جو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيئن شاگردن کي سخت گرمي جي اثرن کان محفوظ رکيو وڃي۔
