خيبرپختونخوا ۾ ڪڻڪ بحران جو خدشو، وفاق کان فوري مداخلت جو مطالبو

خيبرپختونخوا ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ممڪنه بحران کان پوءِ صوبي جي حڪومت وفاقي حڪومت کي خط لکي پنجاب مان ڪڻڪ ۽ اٽي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔ صوبائي حڪومت موجب پنجاب جي پابندين سبب صوبي ۾ خوراڪي بحران جو خدشو وڌي ويو آهي۔

خط ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخوا کي ساليانو 53 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته مقامي پيداوار رڳو 16 لک ميٽرڪ ٽن آهي۔ ڪڻڪ جي کوٽ سبب 40 ڪلو اٽي جي قيمت 4700 رپين کان وڌي وئي آهي۔ حڪومت وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته روڪيل ڪڻڪ سان ڀريل گاڏين کي فوري اجازت ڏني وڃي ۽ پاسڪو کان ڪڻڪ جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رکي وڃي۔