ڪراچي: ڳجهي اطلاع تي پڪڙيل ڇاليه واري گاڏي نامعلوم ماڻهو پوليس کان کسي فرار

ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ نامعلوم هٿياربند ماڻهن پوليس جي تحويل مان ڇاليه سان ڀريل گاڏي کسي فرار ٿي ويا۔ واقعي بعد ابراهيم حيدري ٿاڻي ۾ ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔

پوليس موجب مخبر جي اطلاع تي هڪ مشڪوڪ گاڏي کي روڪيو ويو، جنهن ۾ ڇاليه اسمگل ڪئي پئي وئي۔ تلاشي دوران اوچتو 14 کان 15 هٿياربند ماڻهو ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ اتي پهتا، جن مان ڪجهه ماڻهن ڪوسٽ گارڊ جهڙي وردي پڻ پهريل هئي۔ جوابدارن پوليس اهلڪارن سان هٿاپائي ڪري ڇاليه سان ڀريل گاڏي کسي فرار ٿي ويا۔

پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار عرفان کي گرفتار ڪيو، جنهن جي نشاندهي تي هڪ گهر مان تيار ۽ غير تيار ٿيل گٽڪو پڻ هٿ ڪيو ويو۔ پوليس موجب ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو