مختلف ڪيسن ۾ جاچ هيٺ خاتون انمول عرف پنڪي جي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جون ڪاپيون حاصل ڪيون ويون آهن، جنهن بعد جاچ ڪندڙ ادارن تحقيق جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي۔
جاچ ذريعن موجب انمول عرف پنڪي 17 اپريل 2018 تي ڪراچي مان پنهنجو پاسپورٽ حاصل ڪيو هو، جيڪو 17 اپريل 2023 تي ايڪسپائر ٿي چڪو آهي۔ اهڙي طرح سندس قومي شناختي ڪارڊ 6 ڊسمبر 2016 تي ڪراچي جي علائقي ابوالحسن اصفهاني روڊ، گلشنِ اقبال مان جاري ٿيو هو۔
ذريعن موجب جاچ دوران اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته پنڪي مبينا طور تي نالو تبديل ڪري نئون شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي۔ جاچ ڪندڙ ادارا سندس سفري رڪارڊ ۽ خاندان جي شناختي دستاويزن جي به جاچ ڪري رهيا آهن ته جيئن معاملي جون سموريون ڪڙيون ڳنڍي سگهجن۔
