سعودي عرب ۾ ذوالحج 1447 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، جنهن بعد سعودي سپريم ڪورٽ طرفان عيدالاضحيٰ 27 مئي اربع ڏينهن ملهائڻ جو سرڪاري اعلان ڪيو ويو آهي۔ ملڪ ۾ پهرين ذوالحج 18 مئي تي ٿيندي، جڏهن ته وقوف عرفه 26 مئي تي ادا ڪيو ويندو۔عرب ميڊيا موجب انڊونيشيا ۾ پڻ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو آهي۔ انڊونيشيا جي مذهبي معاملن واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ملهائي ويندي۔ٻئي طرف تيونس ۽ ترڪي پڻ ذوالحج جي شروعات ۽ عيدالاضحيٰ جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ ٻنهي ملڪن ۾ 18 مئي تي پهرين ذوالحج ۽ 27 مئي تي عيدالاضحيٰ ملهائي ويندي۔تيونس ذوالحج جي چنڊ جي تصديق ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو، جڏهن ته ترڪي ۾ روايتي چنڊ ڏسڻ بدران فلڪي حسابن تي ٻڌل اسلامي ڪيلينڊر موجب تاريخن جو اعلان ڪيو ويو۔
