ڪراچي ۾ مسجد جي امام کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جوابدار فرار

ڪراچي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مسجد جي امام کي قتل ڪري ڇڏيو۔ پوليس موجب واقعو گهگهر ڦاٽڪ پل ڀرسان پيش آيو، جتي هٿياربندن امام مسجد فتح محمد تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو۔پوليس جو چوڻ آهي ته فتح محمد نمازِ عشا پڙهائڻ بعد پورٽ قاسم واري مسجد مان نڪتو هو ته گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان جوابدارن مٿس حملو ڪيو ۽ فرار ٿي ويا۔
پوليس موجب مقتول کان ڪا ڦر نه ڪئي وئي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان موٽرسائيڪل، پرس ۽ موبائل فون هٿ آيو آهي۔ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو