پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم ليوي خلاف عدالت سان رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔جماعت اسلامي جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي سڀاڻي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيٽروليم ليوي خلاف درخواست داخل ڪندي۔ هن چيو ته پيٽرول مهانگو ڪرڻ عوام تي وڏو ظلم آهي ۽ مهانگائي خلاف عيدالاضحيٰ کان پوءِ اسلام آباد ڏانهن فيصلائتو مارچ ڪيو ويندو۔حافظ نعيم الرحمان چيو ته موجوده نظام عوام کي سخت تڪليفن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي صرف نظام جون شاخون نه پر پاڙون ئي اکيڙيون وينديون۔ هن الزام هنيو ته گذريل 79 سالن کان جاگيردارن، سرمائيدارن، بيوروڪريٽن ۽ مافيا جي هڪ ٽولي ملڪ تي حڪمراني ڪئي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي تعليم جي شعبي ۾ هزارين ادارا قائم ڪيا آهن ۽ ٻين سياسي پارٽين کي چئلينج ڪيو ته اهي به عملي ڪم ڪري ڏيکارين۔ سندس چوڻ هو ته حڪومت هتي هڪ به نئون ڪاليج قائم نه ڪري سگهي آهي۔
جلسي دوران هن مطالبو ڪيو ته پاڪستان جي سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو