ڪراچي ۾ ڪلفٽن ۽ درخشاں پوليس مبينا ڊرگ ڊيلر عورت انمول عرف پنڪي کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ واري فيصلي خلاف سيشن عدالت ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي۔
پوليس طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊيوٽي مجسٽريٽ سائوٿ ملزمه جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏيڻ بدران کيس جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته ان فيصلي ۾ قانوني خاميون موجود آهن۔
درخواست موجب انمول عرف پنڪي ڪنهن عام ملزمه نه پر هڪ منظم ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث نيٽورڪ جو حصو آهي ۽ ان کان وڌيڪ جاچ اڃا باقي آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته نيٽورڪ ۽ ٻين وارداتن بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جسماني ريمانڊ انتهائي ضروري آهي۔
پوليس عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته جوڊيشل مجسٽريٽ جو فيصلو ختم ڪري ملزمه کي وڌيڪ جاچ لاءِ ٻيهر پوليس حوالي ڪيو وڃي۔
