ڪراچي ۾ عدليا جي سيڪيورٽي لاءِ پيٽرول بحران، حفاظتي انتظام متاثر

ڪراچي: عدليا جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس يونٽ “سيڪيورٽي ون” سخت پيٽرول بحران جو شڪار ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پي ايس او بقايا رقم نه ملڻ سبب فيول سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي۔ ذريعن موجب سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن جي سيڪيورٽي متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي۔پوليس ذريعن مطابق سيڪيورٽي ون يونٽ تي 3 ڪروڙ 77 لک رپين کان وڌيڪ واجبات آهن، جڏهن ته 3 مئي کان فيول جي فراهمي مڪمل بند آهي۔ سنڌ هوم ڊپارٽمينٽ اضافي فنڊز لاءِ سمري وڏي وزير ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، پر اڃا تائين حتمي منظوري نه ملي سگهي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو