ڪراچي: شهر جي 89 يونين ڪائونسلن ۾ جاري خاص پوليو بوسٽر مهم ستين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي، جتي ٽيمون گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ ۾ مصروف آهن۔
سنڌ حڪومت موجب صوبي جي 20 ضلعن ۾ هلندڙ مهم دوران پهرين ڏينهن 15 لک 70 هزار ٻارن کي ويڪسين ڏني وئي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ سڀ کان وڌيڪ 4 لک 88 هزار ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا۔
