لاهور: رائيونڊ علائقي ۾ نوجوان عورت جي اندهي قتل جو معمو پوليس حل ڪري ورتو آهي۔ انويسٽيگيشن پوليس مقتولا جي مڙس کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو، جنهن گهريلو تڪرار سبب زال کي گهٽو ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو۔پوليس موجب ٻنهي ٻن مهينن اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي۔ ٻي طرف فيصل ٽائون پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان فراڊ ۽ چوري ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي به گرفتار ڪري ورتو، جيڪي موبائل فون خريد ڪرڻ جي بهاني ماڻهن کي ڦريندا هئا۔