Nairobi: ڪينيا ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ خلاف ٿيندڙ احتجاج دوران سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ماڻهو فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن۔ ملڪ گير ٽرانسپورٽ هڙتال سبب نيروبي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ مڪمل بند رهي، جنهن ڪري لکين ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن۔
رپورٽن موجب مظاهرين روڊن تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو، جڏهن ته پوليس کين منتشر ڪرڻ لاءِ آنسو گيس استعمال ڪئي۔ ڪينيا حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ عالمي حالتن کي قرار ڏنو آهي۔