Jacobabad: پسند جي شادي واري تڪرار بعد ڳوٺ کي باهه ڏيڻ واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔ ذريعن موجب ڏيڍ سئو کان وڌيڪ گهر ساڙڻ واري واقعي کان پوءِ نامزد ماڻهن جا حامي پنهنجي سردار جي حمايت ۾ سرگرم ٿي ويا آهن۔متاثر خاندانن تي مبينا طور ڪيس مان ڪجهه نالا خارج ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، پر متاثر ڌر ڪنهن به مفاهمت کان انڪار ڪندي قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ ٻي طرف عدالت ۾ سردار صدام حسين، سردار احمد علي ۽ خدا ڏنو کي به ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي۔
