ڪراچي ۾ آن لائن منشيات فروشن جو وڏو نيٽ ورڪ بي نقاب ٿي ويو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رپورٽ موجب شهر ۾ لڳ ڀڳ 70 آن لائن منشيات فروش سرگرم آهن، جيڪي سوشل ميڊيا ۽ مختلف آن لائن پليٽ فارمز ذريعي منشيات جي خريد و فروخت ۾ ملوث آهن۔
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهي گروهه خاص طور تي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، جتي آئس، ڪرسٽل ۽ ويڊ جهڙيون خطرناڪ منشيات آن لائن آرڊرن ذريعي فراهم ڪيون پيون وڃن۔
رپورٽ ۾ انمول عرف پنڪي جو نالو به شامل آهي، جيڪو درخشاں ٿاڻي جي حدن ۾ مبينا طور تي وڏي پيماني تي آن لائن منشيات جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ٻڌايو ويو آهي۔
ان کان علاوه رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڪجهه عورتون به هن غيرقانوني نيٽ ورڪ جو حصو آهن۔ صدر ٿاڻي جي حدن ۾ سميرا عرف بيبي مبينا طور هڪ منظم آن لائن منشيات جو نيٽ ورڪ هلائي رهي آهي، جڏهن ته سائيٽ اي ٿاڻي جي حدن ۾ لال جان ۽ مھرالنساء عرف بيبل جا نالا پڻ سامهون آيا آهن۔
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رپورٽ مطابق سڀ کان وڌيڪ 45 آن لائن منشيات فروش ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ سرگرم آهن، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ سٽي ۾ 3، ملير ۾ 2، ويسٽ ۾ 5، ايسٽ ۾ 4، ڪياماڙي ۾ 4 ۽ سينٽرل ۾ 7 ماڻهو هن غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث آهن۔
رپورٽ منظر عام تي اچڻ بعد امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته شهر ۾ آن لائن منشيات فروشي خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آندي ويندي ۽ سوشل ميڊيا تي نگراني به سخت ڪئي ويندي۔
