لاهور جي علائقي گجو متا ۾ هڪ گهر اندر رکيل ڏاج جي سامان کي اوچتو پراسرار باهه لڳي وئي، جنهن سبب 15 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جو قيمتي سامان سڙي خاڪ ٿي ويو۔متاثر خاندان موجب باهه لڳڻ سبب 2 موٽر سائيڪلون، 2 فريج، 2 واشنگ مشينون ۽ ٻيو گهريلو سامان مڪمل طور تباهه ٿي ويو۔گهر مالڪ ۽ متاثر خاندان ڪرائي دارن تي سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته باهه ڄاڻي واڻي لڳائي وئي آهي۔ سندن چوڻ آهي ته ڪرائي ۽ بجلي جي بلن جي ادائيگي تي اڪثر تڪرار هلندو رهندو هو۔متاثر خاندان موجب ڪرائي دارن ۾ شامل هڪ پوليس اهلڪار جي ڌيءَ اڳ ئي سامان هتان هٽائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون۔ٻئي طرف پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته ڇا اها ذاتي دشمني جو نتيجو آهي يا حادثاتي باهه لڳڻ جو واقعو۔پوليس اختيارين موجب ٿاڻو ڪاهنه ۾ درخواست جمع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نقصان جو اندازو لڳائڻ ۽ مختلف پهلوئن کان جاچ جاري آهي۔
