شہباز شریف سڀاڻي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چین روانو ٿيندو، جتي هو پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ٿيندڙ خاص ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو۔دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽرٽيجڪ ڀائيواري، سی پیک جي ٻئي مرحلي ۽ واپاري سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي۔ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گو جیا کُن دوري جي تصديق ڪندي پاڪستان ۽ چين کي “سدابهار اسٽرٽيجڪ ڀائيوار” قرار ڏنو۔دوري دوران وزيراعظم بيجنگ ۽ هينگجو جو دورو ڪندو ۽ شی جن پنگ ۽ لی چیانگ سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪندو، جن ۾ علائقائي صورتحال ۽ ٻطرفي سهڪار تي ڳالهيون ٿينديون۔وزيراعظم مشهور چيني ڪمپني Alibaba جي سربراهه سان پڻ ملاقات ڪندو، جڏهن ته هڪ وڏي بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جون 80 کان وڌيڪ ڪاروباري شخصيتون شرڪت ڪنديون۔ ان موقعي تي واپار ۽ سيڙپڪاري بابت اهم معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي۔