Islamabad ۾ ميٽرو بس کي باهه، سڀئي مسافر محفوظ

وفاقي گادي واري شهر Islamabad کان Rawalpindi ويندڙ ميٽرو بس ۾ سڪسٿ روڊ اسٽيشن ڀرسان اوچتو خوفناڪ باهه لڳي وئي، جنهن سبب مسافرن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو۔ريسڪيو اختيارين موجب باهه هلندڙ بس ۾ اوچتو ڀڙڪي اٿي۔ مسافرن پنهنجيون جانيون بچائڻ لاءِ بس جا شيشا ٽوڙي ٻاهر نڪري آيا۔ اطلاع ملندي ئي ريسڪيو جون ٽيمون ۽ ايمرجنسي اڏيون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ باهه وسائڻ سان گڏ مسافرن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو۔اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه ايتري شديد هئي جو ميٽرو بس مڪمل طور سڙي تباهه ٿي وئي، جڏهن ته خوشقسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو۔ ابتدائي جاچ موجب باهه لڳڻ جو سبب شارٽ سرڪٽ ٿي سگهي ٿو۔

واقعي کان پوءِ ميٽرو بس سروس عارضي طور معطل ڪئي وئي ۽ اسٽيشنن تي ٽڪيٽ ڪائونٽر به بند ڪيا ويا۔ انتظاميا موجب ٽريڪ جي صفائي ۽ سيڪيورٽي چيڪنگ مڪمل ٿيڻ بعد سروس ٻيهر بحال ڪئي ويندي۔

ياد رهي ته هلندڙ مهيني دوران ميٽرو بس ۾ باهه لڳڻ جو هي ٻيون واقعو آهي۔