پيٽرول سستو، مٽي جو تيل ۽ لائيٽ ڊيزل مهانگو

Islamabad ۾ وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ نئون ردوبدل ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي، ڏهن ته مٽي جي تيل ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي۔حڪومت موجب لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 62 پئسا في ليٽر ۽ مٽي جي تيل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي۔ واڌ کان پوءِ لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 275 رپيا 54 پئسا في ليٽر ۽ مٽي جي تيل جي قيمت 313 رپيا 44 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔ان کان علاوه جيٽ فيول به 2 رپيا 10 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو، جنهن بعد ان جي نئين قيمت 332 رپيا 32 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي۔ٻئي طرف حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 80 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪندي عوام کي جزوي رليف ڏنو آهي۔ نون اگهن موجب پيٽرول 403 رپيا 78 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل 402 رپيا 78 پئسا في ليٽر تي وڪرو ٿيندو۔قيمتن ۾ واڌ سبب خاص طور غريب ۽ وچولي طبقي جي شهرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي