ڪوئٽه ۾ زمين جي تڪرار سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا بي رحمي سان قتل ڪيا ويا. مارجي ويلن ۾ هڪ پيءُ، سندس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ شامل آهن.
پوليس موجب واقعي دوران مخالفن گهر ۾ داخل ٿي اندھا ڌند فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڀئي پنج ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.
واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمون لاشن کي اسپتال منتقل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي مقتولن جي وارثن ۽ علائقي واسين سرياب روڊ تي سخت احتجاجي ڌرڻو هنيو آهي. مظاهرين لاش روڊ تي رکي ٽريفڪ مڪمل طور بند ڪري ڇڏي آهي.
مظاهرين جو چوڻ آهي ته جيستائين جوابدار گرفتار نه ڪيا وڃن ۽ خاندان کي تحفظ فراهم نه ڪيو وڃي، تيستائين احتجاج جاري رهندو.
وارثن الزام لڳايو آهي ته ساڳئي زمين جي تڪرار تي اڳ به سندن خاندان جا 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، پر پوليس طرفان اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آندي وئي آهي.
ضلعي انتظاميه ۽ پوليس اعليٰ عملدار ڳالهيون ڪرڻ لاءِ واقعي واري هنڌ موجود آهن، پر آخري اطلاعن تائين ڪو به حتمي نتيجو سامهون نه آيو آهي۔