ڪراچي جي علائقي ملير ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي گاڏي تي فائرنگ ڪري پسند جي شادي ڪندڙ مڙس ۽ زال کي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب واقعو سعود آباد ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو، جتي نامعلوم هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي. ٻنهي جا لاش گاڏي جي پٺئين سيٽ تي مليا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جوڙو عدالت مان واپسي تي گاڏي ۾ سوار ٿي ملير طرف وڃي رهيو هو ته رستي ۾ انهن تي فائرنگ ڪئي وئي. گاڏي تي ڪيترن ئي گولين جا نشان به موجود هئا.
ابتدائي جاچ موجب مقتولن خلاف سچل ٿاڻي ۾ اڳ ئي ڪيس داخل ٿيل هو، جڏهن ته ٻنهي گهر مان ڀڄي پسند جي شادي ڪئي هئي.
پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ واقعي جا مختلف رخ جانچي رهي آهي.
ياد رهي ته هن کان اڳ به ڪراچي ۾ پسند جي شادي جي معاملي تي غيرت جي نالي تي قتل جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ ڪيترائي جوڙا پنهنجي جان وڃائي چڪا آهن