قلات (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ افسوسناڪ ۽ خطرناڪ ٽريفڪ حادثي دوران هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا، فوت ٿي ويا آهن۔ فوت ٿيل ماڻهو عيد الاضحيٰ ملهائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي علائقي وڃي رهيا هئا۔
ليويز ۽ پوليس اختيارين موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪراچي کان پشين ويندڙ تيز رفتار ڪار سامهون کان ايندڙ پڪ اپ گاڏي سان زور سان ٽڪرائجي وئي۔
ٽڪر ايترو شديد هو جو ڪار ۾ سوار سڀئي 6 ڄڻا موقعي تي ئي دم ڏئي ويا۔ فوتين ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار شامل آهن، جن جو تعلق پشين سان ٻڌايو پيو وڃي۔
پوليس موجب هي بدقسمت خاندان عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ ڪراچي کان پنهنجي اباڻي علائقي “پشين، ڪلي ملڪ ڪٽا” وڃي رهيو هو، پر قلات جي ويجهو هي المناڪ حادثو پيش آيو۔
اختيارين ٻڌايو ته لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتان کين اباڻي علائقي موڪلڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن۔
واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته متاثر خاندان جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي۔