سکر (ويب ڊيسڪ): سکر جي علائقي گوليمار ۾ واٽر سپلاءِ جي پاڻي جي مبينا چوري خلاف شاهه فيصل ڪالوني، بلال ڪالوني ۽ بهٽي محلي جي رهواسين احتجاج ڪندي سخت غم ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو۔
مظاهرو ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته گوليمار انڊسٽريل ايريا کان ايندڙ واٽر سپلاءِ لائين مان بااثر ٽائون چيئرمين طارق حسين چوهاڻ جي فيڪٽري لاءِ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳايو ويو آهي۔
رهواسين موجب مبينا طور هي چوري وارو ڪنيڪشن سردار شاهه جي مدد سان لڳايو ويو، جنهن سبب رهائشي علائقن کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي ۽ شهرين کي ڪيترن ڏينهن کان پاڻي جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي۔
مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته جڏهن مبينا چوري واري لائين پڪڙي وئي ته ٽائون جي وائس چيئرمين مرتضيٰ گهانگرو کي واقعي واري هنڌ گهرايو ويو، جنهن صورتحال جو جائزو ورتو۔ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن هن معاملي ۾ ڪو به شخص ملوث ثابت ٿيو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔
سکر: گوليمار ۾ واٽر سپلاءِ جي مبينا پاڻي چوري خلاف رهواسين جو احتجاج

احتجاج ۾ عبدالقيوم کہوسو، امتيار کہوسو، امام الدين ملڪ، ڀار علي کہوسو، سيد عباس علي شاهه، گل حسن کہوسو، نظام الدين ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔
رهواسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته واٽر سپلاءِ لائين صرف رهائشي علائقن لاءِ آهي ۽ ڪنهن به فيڪٽري کي پاڻي چوري ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔