اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ملڪ جي عوام لاءِ وڏي خوشخبري سامهون آئي آهي، جتي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳاتار ٽئين ڀيري گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔
ذريعن موجب پيٽروليم شين جي نئين هفتيوار قيمتن جو تعين اڄ ڪيو ويندو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿيڻ جا امڪان آهن۔
اطلاعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 8 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر تائين گهٽتائي متوقع آهي، جنهن سان ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن ۾ عوام کي رليف ملڻ جو امڪان آهي۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل گهٽتائي جو فائدو سڌو سنئون عوام تائين پهچائڻ بابت تجويزون غور هيٺ آهن۔
پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي فيصلو شهباز شريف ڪندو، جڏهن ته نئين قيمتن جو باضابطه اعلان پيٽروليم ڊويزن طرفان ڪيو ويندو۔
حڪام موجب نيون قيمتون هڪ هفتي لاءِ لاڳو رهنديون۔
