ڪراچي: پاڙيسرين جي جهيڙي دوران فائرنگ، پيءُ ۽ پٽ قتل، مرڪزي جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): شهر قائد جي علائقي بلديه ٽائون ۾ عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن پاڙيسرين جي وچ ۾ ٿيل جهيڙو خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ مارجي ويا۔

پوليس موجب بلديه ٽائون جي علائقي رشيد آباد ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تلخ ڪلامي دوران فائرنگ ٿي، جنهن سبب ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا۔

پوليس اختيارين موجب فوتين جي سڃاڻپ سربلند خان ۽ سندس پٽ طلحہٰ جي نالن سان ٿي آهي۔

واقعي کان پوءِ پوليس فوري ڪارروائي ڪندي فائرنگ ۾ ملوث مرڪزي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔

حڪام موجب ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ رشتيداري جو پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جڏهن ته گذريل سال به ساڳئي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ نوجوان انس مارجي ويو هو، جنهن کانپوءِ مرڪزي جوابدار فرار ٿي ويو هو۔

پنھنجي راءِ لکو