سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ گهٽتائي، شهرين لاءِ سٺي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): عيد جي موڪلن جي پڄاڻي تي ملڪ جي شهرين لاءِ سٺي خبر سامهون آئي آهي ته سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔

صرافا ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ گهٽتائي کان پوءِ مقامي مارڪيٽ تي به ان جو اثر پيو آهي۔

پاڪستان ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ 500 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 4 لک 74 هزار 882 رپيا في تولو ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 393 رپيا سستو ٿي 4 لک 7 هزار 117 رپيا ٿي ويو آهي۔

چاندي جي قيمت ۾ به گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، جنهن موجب في تولو چاندي 72 رپيا سستي ٿي 8 هزار 34 رپيا تي اچي وئي آهي۔

عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 5 ڊالر گهٽتائي بعد 4525 ڊالر في اونس تي اچي ويو آهي۔

ماهرن موجب سون روايتي طور تي محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو ويندو آهي، ۽ ان جي قيمت عالمي معاشي حالتن، مهانگائي ۽ سياسي غير يقيني صورتحال دوران وڌيڪ متاثر ٿيندي آهي۔

پاڪستان ۾ گذريل سال سون جي قيمت مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي، جنهن تحت مقامي سطح تي قيمت عالمي مارڪيٽ ريٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ مقرر ڪئي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو