وفاقي بجيٽ 2026-27: تنخواهه دار طبقي لاءِ ٻيڻي خوشخبري جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي بجيٽ براءِ مالي سال 2026-27 ايندڙ مهيني 5 جون تي پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ تنخواهه دار طبقي لاءِ اهم رليف جون تجويزون غور هيٺ آهن۔

ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ايوان بالا ۽ ايوان زييرين جا اجلاس سڏائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔

ذريعن موجب بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ 4 جون تي قومي اقتصادي سروي جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن وفاقي ڪابينا جو اجلاس به ٿيندو۔

نئين بجيٽ ۾ تنخواهه دار طبقي لاءِ ٻن وڏين خوشخبريءَ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو واڌ شامل آهي۔

ان کان علاوه چار ايڊهاڪ الائونسز مان هڪ کي بنيادي پگهار ۾ شامل ڪرڻ جي به تجويز آهي، جنهن سان بنيادي پگهار ۾ مستقل واڌ جو امڪان آهي۔

ماهوار هڪ کان ٻه لک آمدني وارن طبقي کي رليف ڏيڻ ۽ ساليانو 12 کان 22 لک رپيا آمدني تي انڪم ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي تجويزون به غور هيٺ آهن۔

ذريعن موجب حتمي فيصلا بجيٽ دوران ڪيا ويندا ۽ آخري اعلان وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کان پوءِ ڪيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو