ڪراچي (ويب ڊيسڪ): موسميات کاتي سنڌ ۾ شديد گرمي جي لهر بابت هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن تائين صوبي ۾ سخت ۽ خطرناڪ گرمي برقرار رهندي۔
موسميات کاتي موجب سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي۔
سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته قمبر شهدادڪوٽ، گھوٽڪي، خيرپور ۽ موهن جو دڙو ۾ به شديد گرمي جي لهر برقرار رهندي۔
ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔
ٻئي طرف خوشخبري اها آهي ته 1 جون کان موسم ۾ تبديلي جو امڪان آهي ۽ ڪجهه علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔
موسميات کاتي موجب 1 جون تي قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان گڏ هلڪي کان وچولي برسات ٿي سگهي ٿي، جنهن سان گرمي جو زور ٽٽي ويندو۔
ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ شديد گرمي سبب بجلي جي طلب ۾ واڌ جو امڪان آهي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو دٻاءُ به وڌي سگهي ٿو۔
ماهرن صحت شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته غير ضروري ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن، گهڻو پاڻي پيئن ۽ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن۔
