اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ سولر پينلن تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب سولر سسٽم لڳرائڻ وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي۔
ذريعن موجب International Monetary Fund پاڪستان ۾ مختلف شعبن کي مليل ٽيڪس ڇوٽن ۽ رعايتن تي اعتراض ڪندي انهن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔
اطلاعن مطابق آءِ ايم ايف اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين سان گڏ سولر پينلن کي به “اشرافيه جي ضرورت” قرار ڏنو آهي، جنهن کان پوءِ انهن تي ڏنل ٽيڪس رعايتون ختم ڪرڻ تي غور جاري آهي۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ سولر پينلن تي سيلز ٽيڪس 10 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز زير غور آهي، جنهن سان ملڪ ۾ سولر سسٽم لڳرائڻ جي لاڳت ۾ نمايان واڌ ٿي سگهي ٿي۔
ماهرن موجب جيڪڏهن اها تجويز منظور ٿي وئي ته گهريلو ۽ تجارتي سطح تي سولر توانائي اختيار ڪرڻ وڌيڪ مهانگو ٿي ويندو۔
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته International Monetary Fund سان نئين ۽ ڊگهي مدي واري مالي پروگرام بابت ڳالهيون جاري آهن، جنهن سبب حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ مختلف رعايتون ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي۔
البته، هن وقت اهي رڳو تجويزون آهن، حتمي فيصلو وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ وقت سامهون ايندو۔
