فتح جنگ (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو آهي ته سياستدان ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ مظلوم طبقو آهن۔
اے آر وائي نيوز موجب فتح جنگ ۾ عوامي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ سياستدانن جو نيب سميت هر ادارو ۽ عوام احتساب ڪري ٿو، تنهن ڪري کين سڀ کان وڌيڪ تنقيد ۽ دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔
گورنر پنجاب وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ تاريخي قربانيون ڏنيون، پر پارٽي خلاف هميشه منفي پروپيگنڊا ٿيندي رهي آهي۔
هن ٻڌايو ته مخير حضرات جي سهڪار سان ضلعي اٽڪ ۾ ڪروڙين رپين جا فلاحي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، جن ۾ فري ڊائلسز سينٽرز، فلٽريشن پلانٽس ۽ اجتماعي شاديون شامل آهن۔
ان موقعي تي هن يونيورسٽي آف اٽڪ جي منظوري تي وزيراعليٰ مريم نواز ج
