آئيسڪو جو بجلي بندش جو شيڊول جاري، مختلف علائقن ۾ بجلي عارضي طور بند رهندي

اسلام آباد: Islamabad Electric Supply Company (IESCO) (آئيسڪو) ضروري سالياني سسٽم مينٽيننس، ترقياتي ڪمن ۽ اي ايم آءِ ميٽرن جي تنصيب سبب پهرين جون لاءِ عارضي بجلي بندش جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.آئيسڪو جي ترجمان موجب اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال ۽ جهلم سرڪل جي مختلف علائقن کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪيترن ئي فيڊرن تي مقرر وقتن دوران بجلي جي فراهمي معطل رهندي.
شيڊول موجب جي ايس او سرڪل ۾ صبح 6 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين، آزاد پتن ۾ صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين، جڏهن ته 132 ڪي وي نئين واھ گرڊ اسٽيشن ۾ صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين بجلي بند رهندي. ان کان علاوه چڪوال، تلہ گنگ، بگوال، ڪهوٽه سٽي، پالندري، نيو واھ، باهتر موڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ بجلي جي فراهمي متاثر رهندي.آئيسڪو انتظاميه صارفين کان عارضي تڪليف تي معذرت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪم مقرر وقت کان اڳ مڪمل ٿي ويو ته بجلي جي فراهمي به اڳواٽ بحال ڪئي ويندي.