اسلام آباد: وفاقي حڪومت ملڪ مان جعلي دوائن جي خاتمي ۽ عوام لاءِ اصل ۽ جعلي دوائن جي سڃاڻپ آسان بڻائڻ لاءِ اهم قدم کڻندي سڀني دوائن جي پيڪٽن تي بارڪوڊ لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.حڪومتي فيصلي موجب هاڻي هر دوا جي پيڪٽ تي بارڪوڊ درج ڪرڻ لازمي هوندو، جنهن جي مدد سان صارف دوا جي اصليت، مدي، قيمت ۽ ٻين اهم معلومات جي تصديق ڪري سگهندا.وفاقي وزير صحت مصطفىٰ ڪمال چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ڊرگ ليبلنگ اينڊ پيڪنگ رولز 1978 ۾ ترميمن جي منظوري ڏيندي دوائن لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
هن چيو ته اهو فيصلو ملڪ مان جعلي ۽ غير معياري دوائن جي خاتمي ڏانهن هڪ تاريخي قدم آهي. نئين نظام تحت صارف ڊجيٽل طريقي سان دوا جي مڪمل جاچ پڙتال ڪري سگهندا ۽ دوا اصل آهي يا جعلي، ان جي سڃاڻپ آساني سان ڪري سگهندا.وزير صحت موجب ڊريپ سڄي ملڪ ۾ جديد ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام لاڳو ڪندي، جڏهن ته دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين ۽ درآمد ڪندڙن لاءِ ٽو ڊي بارڪوڊ ۽ سيريلائيزيشن ڊيٽا شامل ڪرڻ لازمي هوندو.هن نظام ذريعي عوام دوا جي مدي ختم ٿيڻ جي تاريخ، استعمال جي هدايتن ۽ قيمت بابت مستند معلومات حاصل ڪري سگهندا. ڊريپ جلد صنعت لاءِ فني رهنمائي وارا اصول پڻ جاري ڪندي.مصطفىٰ ڪمال چيو ته حڪومت دوائن جي نظام کي جديد بنيادن تي استوار ڪري رهي آهي ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جعلي دوائن خلاف هڪ مضبوط حفاظتي ديوار ثابت ٿيندو، جنهن سان عوام جي صحت ۽ زندگين جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
