سنڌ ۾ مٽيءَ جي طوفان ۽ تيز هوائن سبب تباهي، درجنين گهر سڙي ويا ۽ نظام زندگي متاثر

ڪراچي / سکر: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان گڏ مٽيءَ جي طوفان ۽ ڪجهه علائقن ۾ طوفاني برسات سبب وڏي پيماني تي تباهي اچي وئي آهي. سخت موسمي صورتحال سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ضرور آئي، پر ڪيترن علائقن ۾ مالي ۽ جاني نقصان رپورٽ ٿيو آهي.سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان سبب حدِ نگاھ سخت متاثر ٿي، جڏهن ته بجلي جو نظام به درهم برهم ٿي ويو. سيپڪو ريجن جا 60 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب ڪيترائي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا. مواصلاتي نظام به متاثر ٿيو.ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ تيز هوائن سبب شهرين جون سولر پليٽون اڏامي ويون ۽ ڪيترن ئي گهرن جي ڇتين کي جزوي نقصان پهتو.ٻئي طرف ڏکڻ پنجاب جي علائقي علي پور ۾ آندھي دوران اوچتو باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن موضع ڊاها، باقر شاهه ۽ بستي بگٽي کي متاثر ڪيو. تيز هوا سبب باهه تيزي سان پکڙجي وئي ۽ بستي بگٽي ۾ 40 کان وڌيڪ گهر سڙي خاڪ ٿي ويا.واقعي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي جھلسي ويا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پروونشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پنجاب موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان موجب 2 کان 5 جون دوران پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ آندھي، گوڙ چمڪ سان برسات ۽ ڳڙن جو امڪان آهي.انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪمزور گهرن، گهٽ مضبوط ڍانچن ۽ اشتهاري بورڊن جي ڪري پيدا ٿيندڙ خطرن کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن.

پنھنجي راءِ لکو