ايراني اختيارين اڳوڻي رهبرِ اعليٰ علي خامنه اي جي شهادت کان ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصي بعد سندس تدفين ۽ جنازي جي تقريبن بابت منصوبن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايراني ميڊيا موجب تهران جي ڊپٽي ميئر محمد امين توڪلي زاده چيو آهي ته رهبرِ اعليٰ جي جنازي ۽ تدفين جون تقريبون اسلامي مهيني محرم جي شروعات تي منعقد ڪيون وينديون. سرڪاري سوڳ ۽ جنازي جا پروگرام تهران، قم ۽ مشهد ۾ ٿيندا، جڏهن ته تدفين مشهد ۾ واقع امام رضاؑ جي روضي ۾ ڪئي ويندي.توڪلي زاده موجب مرحوم رهبرِ اعليٰ پنهنجي حياتيءَ ۾ امام رضاؑ جي روضي ۾ دفن ٿيڻ جي وصيت ڪئي هئي. هن ٻڌايو ته ٽن ڏينهن تي ٻڌل سوڳ ۽ جنازي جا پروگرام تيار ڪيا ويا آهن ۽ تهران ۾ ٿيندڙ مرڪزي تقريب ۾ هڪ ڪروڙ پنجاهه لک کان ٻه ڪروڙ ماڻهن جي شرڪت متوقع آهي.اختيارين موجب جنازي جي مرڪزي تقريب گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ جاري رهندي، جڏهن ته پاڪستان، افغانستان، ڀارت ۽ بنگلاديش سميت مختلف ملڪن مان به لکين زائرين ۽ سوڳوارن جي آمد جو امڪان آهي.ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي سبب شروعاتي طور وڏي پيماني تي جنازي جون تقريبون ملتوي ڪيون ويون هيون، پر هاڻي انهن جي انعقاد لاءِ تياريون تيزي سان جاري آهن.
