ڪراچي جي علائقي شارع فيصل تي ڪراچي پوليس آفيس (KPO) ڀرسان پيش آيل افسوسناڪ ٽرئفڪ حادثي ۾ 12 ورهين جو ٻار عثمان فوت ٿي ويو. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سامهون اچي وئي آهي.فوٽيج موجب هڪ تيز رفتار ٽريڪٽر گهٽي مان گذري رهيو هو، جڏهن ته ساڳئي وقت عثمان سائيڪل هلائيندي فيصل اپارٽمينٽ مان ٻاهر نڪتو. سائيڪل جو اڳيون ڦيٿو ٽريڪٽر جي ڦيٿي سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب عثمان روڊ تي ڪري پيو.روڊ تي ڪرڻ شرط هو ٽريڪٽر جي پوئين ڦيٿي هيٺ اچي ويو ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.پوليس موجب عثمان فيصل اپارٽمينٽ جو رهواسي هو. حادثي کان پوءِ ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس کيس فوري طور گرفتار ڪري ورتو.رثن موجب عثمان چوٿين جماعت جو شاگرد هو ۽ چار ڀائر ڀينرن مان ٻئي نمبر تي هو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.