اسلام آباد: 40 هزار رپين جي پريميئم پرائز بانڊ جي قرعہ اندازي 10 جون تي مظفرآباد، آزاد ڪشمير ۾ ٿيندي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ماڻهن جو وڏو انگ پنهنجي بچت کي پرائز بانڊن جي صورت ۾ محفوظ رکي ٿو.سينٽرل ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز (CDNS) پاران شروع ڪيل پريميئم پرائز بانڊز (رجسٽرڊ) اسڪيم تحت 25 هزار ۽ 40 هزار رپين جا بانڊ موجود آهن. اهي بانڊ عام پرائز بانڊن کان مختلف آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سيڙپڪار جي نالي سان رجسٽرڊ ڪيا ويندا آهن.پريميئم پرائز بانڊ رکندڙن کي انعامي قرعہ اندازي ۾ شرڪت سان گڏ هر ڇهن مهينن بعد حڪومت پاران مقرر ڪيل شرح موجب منافعو پڻ ڏنو ويندو آهي.جيڪڏهن ڪنهن سيڙپڪار جو بانڊ پهريون، ٻيون يا ٽيون انعام کٽي وڃي ته انعامي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي دعويٰ يا درخواست ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي. کٽيل رقم سڌي طرح ان بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي، جيڪو بانڊ خريد ڪرڻ وقت رجسٽرڊ ڪرايو ويو هو۔