پي آءِ اي جي مبينا غفلت، جده ايئرپورٽ تي سوين حاجي 17 ڪلاڪ پريشانين ۾ ڦاٿل

جده: Pakistan International Airlines جي انتظاميا ۽ انجنيئرن جي مبينا غفلت سبب جده ايئرپورٽ تي سوين حاجين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. ذريعن موجب جده کان ڪراچي ويندڙ حج اڏام پي ڪي 860 جي Boeing 777 جهاز جو ايئر ڪنڊيشننگ سسٽم اوچتو خراب ٿي ويو، جنهن بعد 393 حاجين جهاز اندر ئي سخت احتجاج ڪيو.ڄاڻ موجب هي جهاز گذريل هڪ مهيني کان مرمت لاءِ هينگر ۾ بيٺل هو، پر مبينا طور مڪمل ٽيڪنيڪل جاچ ۽ ٽيسٽ فلائيٽ کانسواءِ ئي حاجين کي آڻڻ لاءِ جده موڪليو ويو.حاجي اڳ ئي 15 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ايئرپورٽ تي انتظار ڪري رهيا هئا. جهاز ۾ ويهڻ کان پوءِ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ سبب مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن تي هنن متبادل جهاز فراهم ٿيڻ تائين سفر جاري رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.صورتحال خراب ٿيڻ تي جهاز جي ڪپتان مسافرن کي واپس ايئرپورٽ لائونج منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ اڏام لڳ ڀڳ 17 ڪلاڪن جي دير کان پوءِ ڪراچي لاءِ رواني ٿي