آمريڪي عورت محبت خاطر پاڪستان پهتي، اسلام قبول ڪري پاڪستاني نوجوان سان نڪاح

چشتياں: 36 ورهين جي آمريڪي عورت Morris Ashley محبت جي ڪري پاڪستان پهتي ۽ 21 ورهين جي پاڪستاني نوجوان Kaif ul Wara سان نڪاح ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي جي سڃاڻپ سوشل ميڊيا ذريعي ٿي، جيڪا بعد ۾ محبت ۾ تبديل ٿي وئي. آمريڪي عورت پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ پاڪستان آئي ۽ چشتياں جي علائقي ڪمال پور پهتي.نڪاح کان اڳ هن پنهنجي مرضي سان اسلام قبول ڪيو، جنهن کان پوءِ سندس اسلامي نالو خديجه رکيو ويو. نڪاح جي موقعي تي 2000 آمريڪي ڊالر حق مهر مقرر ڪيو ويو.نو مسلم خديجه چيو ته هن ڪنهن به دٻاءُ يا زبردستي کانسواءِ پنهنجي خوشي سان اسلام قبول ڪيو آهي. هن چيو ته هوءَ پنهنجي فيصلي تي خوش آهي ۽ پاڪستان ۾ نئين زندگي جي شروعات ڪري رهي آهي.