ايندڙ بجيٽ ۾ ايڪسپورٽرن لاءِ 70 ارب رپين جي رليف جو امڪان، ڊجيٽل نظام لازمي بڻائڻ جي تجويز

اسلام آباد: ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ برآمد ڪندڙن (ايڪسپورٽرن) کي سهولتون ڏيڻ لاءِ تياريون جاري آهن. ذريعن موجب حڪومت ايڪسپورٽرن تي لاڳو هڪ سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن سان کين لڳ ڀڳ 70 ارب رپين جو رليف ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس سبب ايڪسپورٽرن جا ٽيڪس ريفنڊ ڪليم وقت تي ڪليئر نٿا ٿين. هي ٽيڪس ختم ٿيڻ سان ريفنڊ ڪليمن جا مسئلا گهٽجندا ۽ برآمد ڪندڙن کي ادائيگيون وڌيڪ آساني سان ملي سگهنديون.ٻئي طرف حڪومت ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم کي لازمي بڻائڻ جي به تجويز تي غور ڪري رهي آهي. تجويز تحت جيڪي ايڪسپورٽر ڊجيٽل انوائسنگ ۽ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم اختيار نه ڪندا، تن جا سيلز ٽيڪس ريفنڊ روڪي سگهجن ٿا.ذريعن موجب ٽيڪسٽائل، چمڙو، سرجيڪل سامان، قالين ۽ اسپورٽس گڊز سميت وڏن برآمدي شعبن کي ڊجيٽل ڪمپلائنس لازمي طور تي يقيني بڻائڻو پوندو. ايف بي آر جي فاسٽر سسٽم ۾ نوان رسڪ پيرا ميٽر شامل ڪرڻ ۽ ريفنڊن کي ڊجيٽل نظام سان مشروط ڪرڻ جو به امڪان آهي.