اسلام آباد: وفاقي حڪومت ايندڙ هفتي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 377 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي ۽ اها 380 رپيا 78 پئسا في ليٽر تي برقرار رهندي.واضح رهي ته 29 مئي 2026 تي وزيراعظم شہباز شریف پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 22 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي.زيراعظم چيو هو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اهم ترين ترجيحن مان هڪ آهي، ۽ جيئن ئي مالي گنجائش پيدا ٿيندي، عوام تائين ان جا فائدا پهچايا ويندا. هن چيو ته حڪومت ڏکين معاشي حالتن باوجود پيٽروليم شين تي رليف ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ، مال بردار گاڏين، موٽر سائيڪل ۽ رڪشا استعمال ڪندڙ ماڻهن کي به ايندھن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سڌو فائدو حاصل ٿيندو.