روهڙي: وار مبارڪ درگاهه ڀرسان سنڌو درياهه ۾ وهنجندي هڪ ئي خاندان جا ٽي معصوم ٻار اونهي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جن مان ٻن جون لاشون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٽئين ٻار جي ڳولا جاري آهي.
ريسڪيو ذريعن موجب ٻڏي ويل ٻارن ۾ 10 ورهين جو آفتاب علي سولنگي، 5 ورهين جو علي حيدر ۽ 8 ورهين جي آيته سولنگي شامل آهن. واقعي کان پوءِ مقامي غوطه خور فوري طور ڳولا شروع ڪئي ۽ آفتاب علي سولنگي جي لاش درياهه مان ڪڍي ورتي.رات جي اونداهي سبب ريسڪيو آپريشن عارضي طور روڪيو ويو هو، پر اڄ صبح ٻيهر ڳولا شروع ڪئي وئي. ريسڪيو اهلڪارن ۽ مقامي ماڻهن جي گڏيل ڪوششن سان علي حيدر جي لاش به درياهه مان هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته آيته سولنگي جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ انتظاميا سخت گرمي سبب واهن ۽ سنڌو درياهه ۾ وهنجڻ تي دفعه 144 لاڳو ڪندي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، پر ان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ سبب هي افسوسناڪ حادثو پيش آيو۔
