گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي سياسي جماعت طور سامهون آئي آهي. 24 مان 19 سيٽن جا سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جن موجب پيپلز پارٽي 9 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.سرڪاري نتيجن موجب وفاقي حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) 3 سيٽن تي ڪامياب ٿي، جڏهن ته 6 سيٽن تي آزاد اميدوارن فتح ماڻي. هڪ سيٽ تي مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) جي اميدوار ڪامياب ٿيو.اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نتيجن موجب مختلف تڪن ۾ ڪامياب اميدوارن جا نالا پڻ سامهون آيا آهن. جي بي 1 گلگت ون ۾ پيپلز پارٽي جي امجد ايڊووڪيٽ 10,594 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب قرار ڏنا ويا، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي شفيق الدين 6,316 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.جي بي 4 نگر ون ۾ پيپلز پارٽي جي محمد علي اختر 7,654 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو، جڏهن ته اسلامي تحريڪ جي محمد ايوب وزيري 6,597 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.جي بي 6 هنزه ۾ آزاد اميدوار نيڪ نام ڪريم 6,390 ووٽن سان ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو ڪرنل (ر) امتياز الحق 5,417 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.جي بي 7 اسکردو ون ۾ پيپلز پارٽي جي توقير مهدي شاهه 4,320 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته آءِ پي پي جي راجا جلاس 3,891 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.جي بي 8 اسکردو ٽو ۾ ايم ڊبليو ايم جي ڪاظم ميثم 10,658 ووٽن سان ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو سيد محمد علي شاهه 10,065 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.ابتدائي نتيجن موجب پيپلز پارٽي گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ سڀ کان وڏي جماعت طور سامهون آئي آهي، جڏهن ته باقي سيٽن جا نتيجا اچڻا اڃا باقي آهن.