گلگت بلتستان چونڊون: اسکردو ون مان پيپلز پارٽي، گانڇي 3 مان آزاد اميدوار ڪامياب

گلگت بلتستان ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته مختلف تڪن مان غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.ابتدائي نتيجن موجب گلگت بلتستان چونڊن جو پهريون مڪمل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجو تڪ جي بي 7 اسکردو ون مان سامهون آيو آهي، جتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار توقير مهدي شاهه ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.سڀني 31 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري نتيجن موجب توقير مهدي شاهه 4,337 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي راجا جلال 3,891 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.ٻئي طرف تڪ جي بي 24 گانڇي 3 جي سڀني 46 پولنگ اسٽيشنن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا پڻ جاري ڪيا ويا آهن.نتيجن موجب آزاد اميدوار ڊاڪٽر اسد شفيق 8,092 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي انجنيئر محمد اسماعيل 5,072 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.گلگت بلتستان اسيمبلي چونڊن جا وڌيڪ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ حتمي سرڪاري نتيجن جو انتظار ڪيو پيو وڃي۔