سنڌ هاءِ ڪورٽ Sindh High Court 19 سال پراڻي ڏاج جي واپسي واري ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي عورت جي حق ۾ ڊگري جاري ڪئي ۽ اڳوڻي مڙس جو دعويٰ رد ڪري ڇڏيو۔تفصيل موجب ڪراچي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي جوڙي وچ ۾ ڏاج جي واپسي جو تڪرار 2006 ۾ خلع کان پوءِ شروع ٿيو هو، جڏهن ته عورت 2007 ۾ پنهنجي ڏاج جي سامان جي واپسي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو۔عورت عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس ڏاج ۾ سون جا زيور، فرنيچر ۽ ٻيون گهريلو شيون شامل هيون، جيڪي جدائي کان پوءِ واپس نه ڪيون ويون۔عدالت 19 سالن تي مشتمل هن ڪيس ۾ سڀني ثبوتن، شاهدن ۽ دليلن جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد فيصلو ٻڌايو ۽ عورت جي حق ۾ ڏاج جي واپسي جو حڪم جاري ڪيو۔