وفاقي بجيٽ بابت حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي قائم، گلگت بلتستان ۾ گڏيل حڪومت جو امڪان

وفاقي بجيٽ بابت صلاح مشوري لاءِ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي گڏيل ٽيڪنيڪل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ڪم ڪندي.ذريعن موجب ڪميٽي پنهنجون سفارشون وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي پيش ڪندي. ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب به مشاورت لاءِ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.ٽيڪنيڪل ڪميٽي بجيٽ سان لاڳاپيل سمورن التوا وارن معاملن تي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون ڪندي. ڪميٽي ۾ احسن اقبال، رانا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ ۽ بلال اظہر ڪياني سهڪار فراهم ڪندا.پيپلز پارٽي طرفان مراد علي شاهه، شيري رحمان، نويد قمر، سليم مانڊوي والا ۽ جام خان شورو مشاورت جو حصو هوندا.ٻئي طرف، گلگت بلتستان ۾ تازين چونڊن کانپوءِ حڪومت سازي لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون آهن. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گڏيل حڪومت قائم ٿيڻ جو امڪان آهي.تجويز ڪيل فارمولي تحت وڏي وزير پيپلز پارٽي جو هوندو، جڏهن ته گورنر مسلم ليگ (ن) مان هوندو. وزارتن جي ورهاست 60 ۽ 40 سيڪڙو فارمولي تحت ڪئي ويندي