ڪراچي ايئرپورٽ تي جعلي اين او سي ذريعي ڪويت وڃڻ جي ڪوشش ناڪام، سرڪاري ملازم آف لوڊ

ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي اميگريشن اهم ڪارروائي ڪندي مبينا طور جعلي اين او سي تي ڪويت وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ سرڪاري ملازم کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو.ايف آءِ اي اختيارين موجب مسافر جي سڃاڻپ سريش سوامي جي نالي سان ٿي، جيڪو پاڪستاني پاسپورٽ ۽ ڪويت جي وزٽ ويزا تي سفر ڪري رهيو هو. اميگريشن چيڪنگ دوران هن پاڻ کي ملٽري اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان ۾ مقرر جونيئر آڊيٽر ظاهر ڪيو ۽ سفر لاءِ اداري جو اين او سي پيش ڪيو.اختيارين جو چوڻ آهي ته تفصيلي جاچ دوران پيش ڪيل اين او سي مشڪوڪ معلوم ٿيو، جنهن سبب دستاويز جي جعلي هجڻ جو شڪ پيدا ٿيو. شروعاتي پڇا ڳاڇا ۾ مسافر اعتراف ڪيو ته هن اهو اين او سي ڪراچي ۾ رهندڙ پنهنجي دوست رئيس گل ذريعي حاصل ڪيو هو.سرڪاري ضابطن موجب ڪنهن به سرڪاري ملازم لاءِ پرڏيهه سفر ڪرڻ کان اڳ اداري جي اجازت لازمي هوندي آهي، پر مسافر اهڙو ڪو تسلي بخش ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. ايف آءِ اي مسافر کي آف لوڊ ڪري وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪيس اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي حوالي ڪري ڇڏيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو